Friday , March 29 2024

خيرپور ضلعي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ۾ سهڪار نه ڪندڙ آفيسرز کي گرفتار ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، خيرپور ضلعي اندر سرڪاري فنڊز ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ۾ جيڪو به آفيسر سهڪار نه ڪري ته ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي اندر ٿيل ڪرپشڻ واري معاملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته نيب رڳو ٻن ٻن لکن جي ڪرپشن ڪندڙن کي پڪڙي رهي آهي، قوم جا اربين رپيا هڙپ ڪندڙن کي ڪير هٿ به وجهڻ لاءِ تيار ناهي.

خيرپور ضلعي جي 613 اسڪيمن ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپين جي ٿيل مبينا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٿي. نيب عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪرپشن واري جاچ ۾ ڪجهه آفيسر سهڪار نه ڪري رهياآ هن، جنهن تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. چيف جسٽس نيب عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته نيب رڳو ٻن ٻن لکن جي ڪرپشن ڪندڙن کي پڪڙي رهي آهي، قوم جا اربين رپيا هڙپ ڪندڙن کي ڪير هٿ به وجهڻ لاءِ تيار ناهي. ٻڌڻي دوران ڪجهه آفيسرن پاران خراب ٿيل ڪم کي ٻيهر درست ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هيءُ شهر توهان جا آهن، ڪم ٿيندو ته اوهان جا ٻار به بيمارين کان محفوظ رهندا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *