Thursday , April 25 2024

خيرپور: خيرپور مان اغوا ٿي ويل وڪيل فياض خميساڻي بازياب ٿي گهر پهچي ويو

خيرپور مان اغوا ٿي ويل وڪيل اڳواڻ فياض خميساڻي بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، سندس بازيابي تي وڪيل برادري پاران خوشي وچان مٺائي ورهائي وئي. نامعلوم ماڻهن هٿان اغوا ٿي ويل وڪيل اڳواڻ فياض خميساڻي گذريل رات بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. وڪيل اڳواڻ موجب کيس اڻ ڄاتل ماڻهو ٻٻرلوءِ ويجهو ڇڏي ويا، جتان هن وارثن کي بازيابي بابت اطلاع ڏنو. وڪيل اڳواڻ جي بازيابي تي سندس وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي ۽ وڪيل برادري پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي وئي. واضح رهي ته وڪيل اڳواڻ فياض خميساڻي کي نامعلوم ماڻهو 22 ڏينهن اڳ شهر جي ڇٽي چوڪ واري علائقي مان اغوا ڪري ويا هئا، جڏهن ته سندس بازيابي لاءِ وڪيل برادري پاران مسلسل احتجاج ڪيو پئي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *