Saturday , April 20 2024

خورشيد شاهه جي شهر سکر ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

سکر( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارتي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي شهر جي مائيڪرو ڪالوني جي ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو، ٻارڙي جو لاش ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڪڍيو ويو، علائقي واسين انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گندي پاڻي جي کڏ ختم ڪري نيڪال جو نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ دانهيندا رهيا آهيون پر ڪير به دانهن ورنائڻ وارو ناهي.

سکر ۾ چئن سالن جو ٻارڙو عمر فاروق گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڪڍي وارثن جي حوالي ڪيو ويو، نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ وارثن ۾ روڄ راڙُ پئجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻارڙو دوڪان تان شئي وٺي گهر وڃي رهيو هو ته بجلي بند هجڻ سبب گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو. وارثن ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، هنن ڪيترائي ڀيرا گندي پاڻي جي کڏ ختم ڪري گندي پاني جو نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي احتجاج ڪيا آهن ۽ چونڊيل نمائندن کان به مطالبو ڪندا رهيا آهن. هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميه دانهن ورنائڻ لاءِ تيار ناهي.احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *