Friday , April 19 2024

خورشيد شاهه جي شهر سکر جا مريض رلندا رهيا، ڊسپينسري جون دوائون مدي خارج ٿي ويون

سکر(رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي شهر پراڻي سکر جا غريب مريض وڏي عرصي کان دوائن لاءِ سرڪاري ڊسپينسري جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، دوائون الاماڙين جي زينت بڻيل رهيون ۽ نيٺ مدي خارج ٿي ويو پر، صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري. پراڻي سکر  واري علائقي جي هڪ سرڪاري ڊسپينسري ۾ پيل دوائن جو مدو ختم ٿي ويو، پر اهي غريب مريضن کي نه ملي سگهيون،عملي پاران  مدي خارج دوائون ساڙڻ دوران صحافين جي پهچڻ تي ڊسپينسري جو عملو موقعي تان فرار ٿي ويو. پراڻي سکر واري علائقي ۾ قائم سرڪاري ڊسپينسري فاطمه الزهرا ۾غريب مريضن لاءِ آيل دوائون انتظاميا مريضن کي ڏيڻ بدران اسٽور ۾ رکي ڇڏيون، جيڪي مدي خارج ٿي ويون.  علائقي واسين موجب ڊسپينسري انتظاميا جي لاپرواهي سبب دوائون مريضن کي ملڻ بدران مدي خارج ٿي ويون. هنن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *