Saturday , April 20 2024

خوراڪ کاتي خيرپور ۾ ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن جو شڪ، نيب ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي / فيض گنج (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) خوراڪ کاتي خيرپور ۾ وڏي پئماني تي ٿيل ڪرپشن جي شڪايتن تي نيب ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڏنو آهي، ڊرٻ ميهر شاهه، سيٺارجا، ٽنڊو مستي ۽ ڪوٽڏيجي سميت خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بعد ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، خوراڪ کاتي خيرپور جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ضلعي اندر ڏيڍ ارب رپين جي لڳ ڀڳ جي ڪرپشن ٿي آهي. خوراڪ کاتي ڪشمور ۾ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري انڪشاف کانپوءِ خوراڪ کاتي خيرپور ۾ به وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن ٿي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق خوراڪ کاتي ۾ گذريل 7 سالن دوران بارداڻي، خريد ڪيل سرڪاري ڪڻڪ ۽ بااثر سياسي اثر رسوخ رکندڙ آبادگارن کي ڪڻڪ جي مد ۾ ايڊوائنس طور ادا ڪيل رقمن جي مد ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي. خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران رڪارڊ ۾ آبادگارن جي نالن تي بارداڻو جاري ڪري ڪڻڪ جي خريداري ڏيکاري وئي، پر اصل ۾ اها خريداري ڪئي ئي نه وئي. سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، جيڪو بارداڻو آبادگارن کي ڏيڻ جو رڪارڊ ٺاهيو ويو، اهو بارداڻو بااثر زميندارن، انهن جي سفارش ڪيل آبادگارن کي مفت ۾ ڏنو ويو، ان بارداڻي جي عيوض 50 سيڪڙُ به مشڪل سان ڪڻڪ خوراڪ کاتي کي ملي سگهي، جنهن جي رڪارڊ جي درستگي لاءِ سينٽرز جي انچارجن انهن ئي بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان رڪارڊ جي درستگي ۽ ٻورين /ٻاچڪن جو انگ ۽ وزن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ واري ملائي وئي.

ٻئي پاسي نيب سکر جي ٽيم ڪريڪ ڊائون دوران خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ نيب جي ٽيم خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ گودامن کي سيل ڪري ٻن عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب سکر جي ٽيم صبح جي وقت خيرپور شهر ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپا هنيا. ڪاررواين دوران گودامن اندر رکيل ڪڻڪ جي ٻورين جو معائنو ڪيو ويو. نيب جي ٽيم آفيس سپرنٽينڊنٽ اڪبر لاشاري ۽ گودام انچارج قمبر علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اُن کانسواءِ نيب جي ٽيم ٽنڊو مستي، ڪوٽڏيجي ۽ پير جو ڳوٺ جي گودامن جو به جائزو ورتو ۽ رڪارڊ چڪاسيو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گودام تي وڏي پئماني تي گهوٻيون هڻڻ ۽ ٻورين ۾ مٽي ملائڻ جون شڪايتون ملڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي. ذريعن موجب نيب جي ٽيم 20 کان وڌيڪ گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نيب جي ڇاپي جو ٻڌندي ئي فوڊ ڪنٽرولر وسيم جمالي گُم ٿي ويو ۽ آفيس ئي نه پهتو. اُن کان اڳ نيب طرفان ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپا هنيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *