Thursday , April 18 2024

خواهش آهي ته عوام کي ٻن وقتن جي ماني ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ملي:چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، مان چاهيان ٿو ته عوام کي ٻن وقت جي ماني، پيڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت جون سهولتون ملي پون، باقي منهنجي ڪا به سياسي ايجنڊا نه آهي. سپريم ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته، مان خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ته، منهنجي ڪابه سياسي ايجنڊا ناهي، سياسي ڪيس کي هٿ نه ٿا لڳائڻ چاهيون، پر اها به مجبوري آهي جو اسان کي سياسي ڪيس ٻڌڻا پون ٿا. دوائن جي اگهن بابت چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي دوران  ريمارڪس ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته عوام کي سستيون دوائون ملن، وڪيلن کي به چوان ٿو ته اسان جي مدد ڪن.وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي ڪجهه ڏنو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته سمورن معاملن جي نگراني پاڻ سپريم ڪورٽ ڪندي، ٻين عدالتن کي به گائيڊ لائين ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته سموريون ڪمپنيون فارمولو طئي ڪري آگاهه ڪن، اسان جي نيت صاف آهي، جنهن نموني چاهيو اسان جو امتحان وٺو  چيف جسٽس چيو ته ڪمپنين وٽ پاڻمرادو دوائن جا اگهه وڌائڻ جا اختيار نه آهن. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي وڪيل راشد انور چيو ته 2013ع ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو. وزيراعظم جي هدايتن تي اضافو واپس ورتو ويو آهي. پاليسي تحت 90 ڏينهن ۾ قيمتن ۾ اضافي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا پراڻيون درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، ڊريپ اختيارين ٻڌايو ته ڪمپنيون نامڪمل درخواستون ڏينديون آهن تنهن ڪري دير ٿيندي آهي، ڊريپ سان اضافو 8 سيڪڙو ملندو آهي، دوا ڪمپنيون عدالتن مان وڌيڪ رليف وٺنديون آهن. چيف جسٽس چيو ته ڊيٽا فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي لسٽ ڏيو، سمورا منع ناما خارج ڪنداسين. دوائن جا اگهه مقرر ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي. هن چيو ته ڪمپنين کي جائز نفعو ملڻ گهرجي، سندن ڪاروبار متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ڊريپ سمورين درخواستن تي جلد کان جلد فيصلو ڪري، ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڊريپ کي سمورا ڪم شفافيت ۽ ايمانداري سان ڪرڻا پوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *