Thursday , April 18 2024

خواجا سعد رفيق جو ويجهو ساٿي سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو

   خواجا سعد رفيق         –        قيصر امين بٽ

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو ويجهو ساٿي قيصر امين بٽ سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته قيصر امين پلي بارگين نه پر سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي، جنهن تي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. پيراگان اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار قيصر امين بٽ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويو، نيب ترجمان چيو آهي ته قيصر امين بٽ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  قيصر امين بٽ جي  درخواست جو قانون مطابق جائزو وٺي رهيا آهيون. ترجمان وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته قيصر امين بٽ پلي بارگين جي ڪابه درخواست نه ڏني آهي،ان سلسلي ۾ تصديق کانپوءِ خبرون هلايون وڃن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ  قيصر امين بٽ کي ڪوٽڏيجي ۾ صنعتڪار مبين جماڻي جي بنگلي تان گرفتار ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *