Tuesday , April 23 2024

خضدار ۾ فائرنگ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳواڻ 4ساٿين سوڌو قتل

خضدار ۾ فائرنگ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو امان الله زرڪزئي معصوم پوٽي ۽ ٻن ساٿين سوڌو مارجي ويو

خضدار (سنڌ سماءَ چار نيوز) خضدار جي زهري واري علائقي ۾ هٿياربندن  جي فائرنگ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ، پوٽي ۽ ٻن ساٿين سميت مارجي ويو، چئني جا مڙهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. امان الله زرڪزئي جو قافلو بلبل واري علائقي کان نورگاما وڃي رهيو هو ته ڪريش پلان ٽ وٽ تاڪ لڳائي بيٺل هٿياربندن بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امان الله زرڪزئي جي گاڏي ۽ سندس قافلي ۾ شامل ٻين گاڏين تي انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ امان الله زرڪزئي سندس 14 سالن جو پوٽو مردان زرڪزئي ۽ امان الله جي ٻن ساٿين کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سولائي سان ڀڄي وڃڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويا. واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو. ٻئي پاسي مقتولن جا لاش اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل پنهن جي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته، ” مونکي يقين نه ٿو اچي ته امان الله ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو آهي، اڄ بي اين پي ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، وٽس چوڻ لاءِ ڪي به لفظ ناهن“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *