Thursday , April 25 2024

خانپورمهر: ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران هڪ عورت قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيو

خانپور مهر جي ڳوٺ ڪيهر لنڊ ۾ گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ٺڻن هڪٻئي تي لنٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. جهيڙو تارڻ لاءِ وچ ۾ آيل هڪ عورت لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿڏي تي مارجي وئي.

ٻن ڀائر توڪو لنڊ ۽ بشير لنڊ وچ ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب گهر ڌياڻي مسمات سماڻي مارجي وئي آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش کڻائي خانپور مهر اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو معمولي ڳالهه تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *