Thursday , April 25 2024

حڪيم بلوچ، سردار چانڊيو ۽ ظفر لغاري خلاف نيب انڪوائريز ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) نيب پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي، حڪيم بلوچ، حاجي ظفر لغاري، خواجا آصف ۽ سردار چانڊيو خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جي جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف خلاف مني لانڊرنگ ذريعي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ خواجا آصف خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب جو چوڻ آهي ته خواجا آصف مني لانڊرنگ ذريعي قومي ناڻي کي 36 لک 68 هزار 671 ملين رپين جو نقصان پهچايو.

نيب اجلاس ۾ پورٽ اينڊ شپنگ واري اڳوڻي وفاقي وزير  بابر غوري خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب جو چوڻ آهي ته بابر غوري ۽ ٻين تي غيرقانوني ڀرتين جا الزام آهن، هنن غيرقانوني ڀرتين ۾ قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو. نيب جي ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ پ  پ ايم پي اي سردار خان چانڊئي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. نيب موجب سردار خان چانڊئي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سرڪاري فنڊز ۾ ڪرپشن ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. نيب اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ظفر علي لغاري ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن ۽ سرڪاري زمين تي قبضن جي الزامن تي جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب جي ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ اڳوڻي پ پ ايم اين اي حڪيم بلوچ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل طور خاتمو آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *