Friday , March 29 2024

حيدر آباد ۾ ايف بي آر جي ڪارروائي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث 2 ڄڻا گرفتار

حيدر آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدرآباد ۾ ايف بي آر ڇاپو هڻي مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، ايف بي آر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته گرفتار شخص کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. گدو چوڪ وٽ ايف بي آر ڪارروائي ڪري اسحاق راهو نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو قاسم آباد جو رهواسي آهي.ايف بي آر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته گرفتار شخص جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ صوبي جي مختلف شهرن جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پئسا جمع ڪرائيندا رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ گرفتار شخص کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي ته هن پاڻ کي ٺيڪيدار ظاهر ڪيو هو.

ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته ڪافي ڳولا باوجود سندس ٺيڪيدار هئڻ بابت ڪي به ثبوت نه مليا آهن، جنهن کان پوءِ ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي گرفتار اسحاق راهو جا هڪ بااثر سياسي شخصيت سان ويجها لاڳاپا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *