Thursday , April 25 2024

حيدرآباد  ۾ تبليغي جماعت جي 210 ڄڻن کي ڪرونا جو شڪ

تبليغي مرڪز نور مسجد قاسم آباد حيدرآباد ۾ ترسيل چيني شهري کي ڪرونا وائرس جي تصديق، 210 تبليغين کي ڪرونا جو شڪ

Image may contain: one or more people and people standing

حيدر آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) حيدر آباد ۾ تبليغي جماعت جي وفد ۾ هڪ چيني  شهري کي ڪرونا وائرس جي تصديق، وفد ۾ شامل پرڏيهين سميت 210 ڄڻن کي مسجد اندر ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدر آباد جي قاسم آباد واري علائقي جي نور مسجد ۾ ترسيل تبليغي جماعت جي 210 ماڻهن ۾ شامل ٻن چيني شهرين مان هڪ کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آحي، جنهن  ڪري تبليغي جماعت جي وفد ۾ شامل سمورن 210 ڄڻن کي ڪورنٽائين ۾ رکيو ويو آهي ۽ نور مسجد کي قرنطينا سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب تبليغي جماعت جا 210 ڄڻا 4 کان 5 ڄڻن جي گروپ جي صورت ۾ قاسم آباد کانسواءِ شهر جي مختلف مسجدن ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ ويندا رهيا آهن، انکانسواءِ اهي قاسم آباد ۾ مختلف ماڻهن سان به ملاقاتون ڪري تبليغي پيغام پهچائيندا رهي آهن، هڪ اندازي مطابق انهن جو انگ 1500 جي لڳ ڀڳ آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *