Friday , April 26 2024

حيدرآباد ۾ آرٽ ۽ آرٽسٽ جو قتل، جوابدار فرار

حيدرآباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيدر آباد ۾ بي رحم جوابدارن آرٽ ۽ آرٽسٽ کي لوهي شيخون هڻي بي رحمي سان مُئل سمجهي ڀڄي ويا، وارثن پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتي هُو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. لطيف آباد جي امان شاهه ڪالونيءَ ۾ اڻسڄاتل جوابدارن آرٽسٽ اعجاز احمد کي لوهي شيخون هڻي کيس مُئل سمجهي فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي کيس اسپتال پهچايو، جتي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. آرٽسٽ اعجاز احمد جي ڀائٽيي مقصود علي جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن جي حملي چاچي مون کي فون ڪري ٻڌايو، ان کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرايو ته هو فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *