Friday , March 29 2024

حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن جي فيسز کي به بخش نه ڪيو،3ڄڻا ٻڌجي پيا

حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ ڪرپشن، 3 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪري حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي شاگاردن کان فيس جي مد ۾ وصول ڪيل رقم هڙپ ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، جوابدار گل محمد چانڊيو، انعام ڀٽي ۽ فرحان لوڌي شاگردن جي فيس ۾ گهوٻيون هڻي پئسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي جاچ دوران ثبوت ملڻ تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون جو چوڻ آهي ته جوابدارن شاگردن جي فيسن جا پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ کانسواءِ هڙپ ڪيا ويا. اينٽي ڪرپشن عملي موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *