Friday , March 29 2024

حليم عادل شيخ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا آهن، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراڇي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) اينٽي ڪرپشن سنڌ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ خلاف سرڪاري زمين تي قبضي وارو پراڻو ڪيس کولي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن چيو آهي ته حليم عادل شيخ روينيو آفيسرن سان ملي ڀگت ڪري سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سندس خلاف سياسي ڪيس شروع ڪري رهي آهي. اينٽي ڪرپشن سنڌ پاران پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ خلاف سرڪاري زمين تي قبضي وارو پراڻو ڪيس ٻيهر کوليو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اڳواڻن چيو آهي ته حليم عادل شيخ روينيو آفيسرن سان ملي ڀگت ڪري سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو جنهن  جي نئين سر جاچ شروع ڪئي وئي آهي. صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حليم عادل خلاف جاچ نگران دور ۾ شروع ٿي، ڪيس شفاف طريقي سان منطقي انجام تي پهچائبو. وڏي وزير جي اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته اميد آهي ته حليم عادل شيخ جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪندو. ٻئي پاسي حليم عادل شيخ چيو آهي ته اينتي ڪرپشن پاران جاچ وارو نوٽيس نگران حڪومت نه پر پيپلزپارٽي جي دور ۾ ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته سندس خلاف جاچ نگران حڪومت جي دور ۾ نه پر انور مجيد جي چوڻ تي شروع ڪئي وئي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته هو ڪنهن به جاچ کان ڊڄڻ وارو نه آهي، هو هر قسم جي جاچ جي آجيان ڪري ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *