Friday , April 19 2024

حسين لوائي کانپوءِ، يو بي ايل جي صدر تي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي، جاچ شروع

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سمٽ بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه ۽ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي گرفتار چيئرمين حسين لوائي کي پيش ڪر۾ڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ يو بي ايل جي صدر کي به پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حسين لوائي ڀلي ڪهڙي به اداري جي تحويل ۾ آهي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي جاچ مطابق مني لانڊرنگ ڪيتري ماليت جي ٿي آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ڊي جي ايف آءِ اي بشيراحمد ميمڻ چيو ته، 2010ع ۾ معلومات جي ذريعن تحت گڏ ڪيل معلومات جي بنياد تي جاچ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 29 مان صرف 4 اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. بشير ميمٻ عدالت کي ٻڌايو ته، 4 اڪائونٽس ۾ ٿيل نشاندهين ۽ ڪجهه ثبوت هٿ بڪيا آهن پر سمٽ بئنڪ جون اختياريون سهڪار نه پيو ڪن. هن چيو ته وڌيڪ اڪائونٽس جي هاڻي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن اڪائونٽس جي جاچ بابت عدالت کي ٻڌايو ته، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته محمد عمير پرڏيهه ۾آهي،عدنان جاويد جا 3 اڪائونٽس لڪي انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، قاسم علي جا 3 اڪائونٽس رائل انٽرنيسنل جي نالي تي آهن، بشير ميمڻ چيو ته طارق سلطان ۽ ارم عقيل رابطي ۾ آهن، محمد اشرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته سندس درخواست هتي گهرايون ٿا، 6 ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. بشير ميمڻ چيو ته سمٽ بئنڪ جي عديل ارشد کي ايف آءِ اي سان سهڪار لاءِ چيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان کيس نوٽيس جاري ڪيو، 35 ارب رپين جو فراڊ آهي، توهان کين گهرايو ئي ناهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته سمورن ماڻهن کي گهرائي رهيا آهن، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڳو نوٽيس جاري ڪرڻ ڪافي ناهي. چيف جسٽس چيو ته هن وقت تائين جي جاچ موجب سندن پويان ڪير آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، هڪ ڪيس به داخل ڪيو، 16 سمٽ، 8 سلڪ بئنڪ ۽ 5 يو بي ايل جا اڪائونٽ آهن. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اڪائونٽس 7 ماڻهن بابت هئا، اهڙن اڪائونٽس مان 35 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، منهنجي حڪم تي سمٽ بئنڪ جو سنڌ بئنڪ سان انضمام روڪيو ويو.  بشير ميمڻ چيو ته محمد اشرف جي نالي تي هڪ ذاتي ۽ 4 لاجسٽڪ ٽريڊرز اڪائونٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته سمورن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪنداسين. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته محمد عمير جا هڪ ذاتي ۽ 6 عمير اسپورٽس جي نالي تي اڪائونٽ آهن، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان انهن کي گهرايو به آهي يا ناهي؟ بشير ميمڻ چيو ته سمورن ماڻهن کي طلب ڪري رکيو آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڳو نوٽيس جاري ڪرڻ ڪافي ناهي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي سپريم ڪورٽ جي مدد گهربل هوندي، وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي پڪتو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، سمٽ ۽ يو بي ايل بئنڪ جي سربراهن کي گهرايون ٿا، جيڪڏهن هو رڪارڊ فراهم نه ٿا ڪن ته ڏسي وٺنداسين. چيف جسٽس چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي گڏيل ٽيم ٺهي نه ٿي سگهي، پاناما طرز تي جي آءِ ٽي ٺاهيو جنهن ۾ فنانشل ماهر به هجن. چيف جسٽس سوال ڪيو ته زرداري گروپ کي پئسا ڪهڙي اڪائونٽ مان ويا جنهن تي ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ چيو ته زرداري گروپ کي به پئسا مشڪوڪ اڪائونٽ مان ئي ويا آهن. عدالت سمٽ بئنڪ جي صدر حسين لوائي کي 12 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ بئنڪ، سمٽ ۽ يو بي ايل کي نوٽيس جاري ڪندي ٽنهي بئنڪن جي سربراهن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ سمورن جعلي اڪائونٽ هولڊرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *