Saturday , April 20 2024

جگر جلال بازياب، سنڌ پوليس ڊي ايس پي شهيد ڪرائڻ بعد سردارن سان راڄوڻي ۾ ڪامياب

ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل لوڪ فنڪار شڪارپور جي ڪچي مان مبينا پوليس ڪارروائي ۽ دٻاءَ کانپوءِ ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي ويو

سکر / شڪارپور( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) سنڌ جو لوڪ فنڪار شڪارپور جي تيغو تيغاڻي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ٿي ويو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي، سنڌ پوليس لوڪ فنڪار جگر جلال ۽ سندس چئن ساٿين جي بازيابي لاءِ ڊي ايس پي شهيد ڪرائڻ بعد سردار ۽ ” چڱن مڙسن “ سان راڄوڻي ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، جگر جلال ۽ سندس پٽ سميت پنج ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٽي ڏينهن اڳ خانپور جي ڊي ايس پي رائو شفيع الله جگر جلال جي بازيابي لاءِ تيغي تيغاڻي جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ وڃڻ کان پهريان ميڊيا آڏو اعلان ڪيو هو ته، جيڪڏهن جگر جلال ۽ سندس ساٿين کي بازياب نه ڪرائي سگهيس ته سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪندس. اهڙي اعلان بعد جڏهن رائو شفيع الله پوليس نفري ساڻ ڪري ڪچي ۾ ويو هو ته ڌاڙيلن کيس نشانو وٺي گولين جي بک بڻائيندي شهيد ڪري ڇڏيو هو. خميس ۽ جمعي جي وچئين رات جو دير سان ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جگر جلال ۽ ٻين مغوين کي آزاد ڪري ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاهه حوالي ڪيو ويو. جگر جلال سميت بازياب ٿيلن ۾ جگر جلال سميت بازياب ٿيلن ۾ سندس پٽ آفتاب، ڀائٽيو امير علي، باجي وارو عبداللطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر کهاوڙ شامل آهن. جن کي 4 ڏينهن اڳ بهاني سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي شفيع الله جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، ” جگر جلال جي بازيابي لاءِ ڪجهه چڱا مڙس وچ ۾ آيا آهن، جن جي ذريعي ڳالهيون هلي رهيون آهن 24 ڪلاڪن اندر جگر جلال ساٿين سميت بازياب ٿي ويندو“. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ به چيو هو ته راڄوڻي ذريعي مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، جيڪڏهن ڳالهين ذريعي جگر جلال ۽ سندس ساٿي بازياب نه ٿيا ته بي رحم آپريشن شروع ڪنداسين.

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ 24ڪلاڪن اندر پنهنجي بيان تان ڦري ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *