Friday , March 29 2024

جڏهن چاهيون سنڌ حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا: فواد چوڌري جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته، اسان جڏهن چاهيون سنڌ حڪومت ختم ڪري سگهون ٿا، پر اسان پهريان پيپلز پارٽي کي موقعو ڏيون ٿا ته مراد علي شاهه کي عهدي تان هٽائين، ڪراچي ۾ حليم عادل شيخ جي رهائشگاهه تي پي ٽي آءِ  اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته، سنڌ حڪومت گئس وارو ڦوڪڻو آھي ۽ ان جي پن اسان وٽ آهي، جڏهن چاهيون ان جي هوا ڪڍي سگهون ٿا. هن چيو ته پيپلرپارٽي سنڌ حڪومت اومني گروپ آف ڪمپنيز کي ليز تي ڏئي ڇڏي هئي، هاڻي ٺگز آف پاڪستان جي ڪھاڻي ختم ٿيڻ واري آھي. فواد چوڌري حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته خبر نه آهي ته نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڃا تائين آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد شاهه کي گرفتار ڇو ناھي ڪيو؟. هن چيو ته اکاري ڏينهن اسلام آباد ۾ سمورن چورتن جو اجلاسس ٿيو نيب کي گهرجي ها ته اتي ڇاپو هڻي سمورن چورن کي گڏ گرفتار ڪري وٺي ها. وفاقي وزير چيو ته، وڏو وزير  مراد علي شاهه پارٽي قيادت کي چوندو آهي، ڇا حڪم آ منهنجا آقا! ھن چيو ته ھن وقت ڪير پي ٽي آءِ ڪيئن ڇڏيندو؟، ٻي ڪا چوائس ئي ناھي، ھن چيو ته ڪراچي منھنجو شھر آھي، آئون ھتي ھزار ڀيرا ايندس، ڪير مونکي روڪي نٿو سگھي. سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاھينداسين، پ پ جي سينيئر ميمبرن اسان سان رابطو پڻ ڪيو آھي پر اسان پ پ کي موقعو ڏيڻ چاھيون ٿا، جيڪڏھن پ پ وارن مراد علي شاھ کي نه ھٽايو ته پوءِ اسان عملي قدم کڻنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *