Thursday , March 28 2024

جي ڊي اي صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ نگران وڏي وزير تي بي اعتباري ظاهر ڪري ڇڏي،هڙتال جي ڌمڪي

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان تي بي اعتباري جو اظهار ڪندي اڳوڻن صوبائي وزيرن کان پروٽوڪول واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اياز لطيف پليجو چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪنداسين. پير پاڳاري چيو آهي ته مڪاني ادارن جا نمائندا پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، فهميدا مرزا چيو آهي ته نگران وڏو وزير ايڏو ڪمزور آهي جو هڪ فون ڪال تي ڍير ٿي وڃي ٿو. ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر الدين شاهه، اياز لطيف پليجو، غوث علي شاهه. ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميده مرزا، صفدر عباسي، عرفان مروت ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ پ پ اڳواڻ عبدالستار راڄپر جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

اجلاس کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پير پاڳاري چيو ته نگران وڏو وزير ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن ڌر بڻيل آهن، خدشن بابت جي ڊي اي پاران ڪيترائي خط لکيا ويا، پر انهن جو ڪو به جواب نه مليو آهي. مڪاني ادارن جا نمائندا پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، جنهن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي هوندي، صوبي ۾ جيڪي به بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، اهي پ پ جي مفاد ۾ ٿيون آهن. جي ڊي اي سربراهه چيو ته، جيڪا حڪومت عوام کي پاڻي ۽ بجلي نه ڏئي سگهي ان کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن جو خاتمو ويجهو آهي، عوام کي جلد ڪرپشن مان ڇوٽڪارو ملندو.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ جو نگران وڏو وزير ايترو ته ڪمزور آهي جو هڪ فون ڪال تي ڍير ٿي وڃي ٿو. پوليس ۽ انتظاميا اسان جي همدردن، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ادارن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اياز لطيف پليجو چيو ته ڪالهه فريال ٽالپر آر اوز جو اجلاس ڪهڙي حيثيت ۾ گهرايو هو، سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن اهڙن معاملن جو نوٽيس ڇو نٿي وٺي. هن چيو ته سنڌ ۾ نه پاڻي آهي ۽ نه ئي ڪا ترقي نظر اچي ٿي، صوبي جي 18 ضلعن جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *