Tuesday , April 23 2024

جي يو آءِ جو گهيرو تنگ ٿيڻ شروع، ڪي پي ۽ سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ۽ اسلام آباد ۾ کاڌو پيتوبند ڪرڻ جو فيصلو

جي يو آءِ جو گهيرو تنگ ٿيڻ شروع، ڪي پي ۽ سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون، اسلام آباد ۾ کاڌو پيتوبند ڪرڻ جو فيصلو، سرگرم اڳواڻن کي ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي يو آءِ جي آزادي مارچ واري اعلان کانپوءِ وفاقي حڪومت مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف آپشن تي ويچارڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ خلاف خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو امڪان آهي، ڌرڻي يا اسلام آباد ۾ داخلا بعد جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪرڻ تي به پابندي لڳائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان پاران حڪومت خلاف اعلان آزادي مارچ جو تياريون عروج تي پهتل آهن ته ٻئي پاسي حڪومت مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙڻ باوجود جي يو آءِ خلاف سخت ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران مختلف ذريعن کان گڏ ڪيل معلومات ۾ خبر پئي آهي ته، وفاقي حڪومت پاران جمعيت علماءَ اسلام (ف) خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ جي يعو آءِ جي ذيلي تنظيم انصارالاسلام تي پابندي مڙهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي گهرو وزارت جي ماتحت اداري ايف آءِ اي جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، جي يو آءِ لاءِ ابتدائي طور تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو و يو آهي، جنهن تحت ڪارروائي لاءِ انصارالاسلام تي پابندي مڙهي، سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ايف آءِ اي کان به سهڪار ورتو ويندو. ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ جي يو آءِ سنڌ جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي ويندي. www.sindhsamaachar.com

ان سلسلي ۾ سنڌسماءِچار کي مليل ڄاڻ مطابق ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته انصارالاسلام تي پابندي کانپوءِ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو سميت، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي سرگرم اڳواڻن کي امن ۾ خلل وجهڻ تي ايم پي او تحت نظربند ڪيو وڃي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته جي يو آءِ سنڌ ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ سرگرم اڳواڻن خلاف پراڻا ڪيس به ڳوليا پيا وڃن.

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت جي يو آءِ جي اسلام آباد ۾ رستا روڪ ڪرڻ لاءِ آزادي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي ماني، برياني، سُڪو راشن ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين سان گڏ عام واهپي جي شين مهيا ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت جي هدايتن تي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي انتظاميا شهر ۽ ڀرپاسي ۾ موجود، سمورن پڪوان سينٽرز ۽ هوٽلز، مسافر خانن، خانگي گيسٽ هائوسز، شادي هالز جي مالڪن/انتظاميا کي زباني هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ ان لاءِ باضابطا طور تي به جلد هدايتون جاري ڪيون وينديون ۽ پڪوان سينٽرز، شادي هالز، هوٽلز سميت اهڙن ٻين سينٽرز کي لکت ۾ هدايتون جاري ڪري قسم نامو/ حلفيا بيان به ورتو ويندو.

پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي،ملڪ ناڪام رياست ڏانهن وڃي پيو: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *