Thursday , April 18 2024

جي آءِ ٽي پاران ملڪ جي 5 ادارن تي وزندار الزام

NAB & FBR

پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي پٽن خلاف آف شور ڪمپنين جي ذريعن ۽ مني لانڊرنگ الزامن بابت جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم ملڪ جي 5 مک ادارن تي سنگين الزام هڻندي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته گڏيل جاچ ٽيم جي ڪم کي روڪڻ ۽ ٽيم کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

گڏيل جاچ ٽيم جي سپريم ڪورٽ کي ڏنل درخواست جا ذريعن وٽان تفصيل سامهون آيا آهن، جن موجب جي آءِ ٽي، نيب، ايف بي آر، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن، وزارت قانون  انصاف ۽ آءِ بي خلاف درخواست ۾ شڪايتن جا ڍڳ لڳايا آهن، جي آءِ ٽي جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن کان چوڌري شگر ملز ۽ شريف ڪٽنب جي خلاف انڪوائرين جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو هو، ڪميشن چيئرمين شريف ڪٽنب خلاف انڪوائرين جو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، چيئرمين ايس اي سي پي جي چوڻ تي چوڌري شگر ملز جو رڪارڊ تبديل ڪيو ويو. اداري جي علي عظيم چيئرمين جي چوڻ تي تاريخن کي تبديل ڪري ڇڏيو، علي عظيم کي جي آءِ ٽي ۾ چيئرمين جي چوڻ تي شامل ڪيو، ان کي شامل ڪرڻ جو مقصد جاچ کي نقصان پهچائڻ آهي، هڪ شاهد ٻڌايو آهي ته چيئرمين سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن شريف ڪٽنب جي خلاف انڪوائرين جو رڪارڊ ڳولڻ کان منع ڪري ڇڏيو هو.

SECP & NAB

سيڪيورٽي ڪميشن چيو ته شريف ڪٽنب خلاف ڪا به شڪايت نه ٿي آهي، نيب خلاف شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته قومي احتساب بيورو جاچ ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ عرفان منگيءَ کي شوڪاز نوٽيس 25 اپريل تي جاري ڪيو ۽ 15 ڏينهن ۾ جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان نوٽيس جو مقصد جاچ تان عرفان منگيءَ جو ڌيان هٽائڻ آهي، ايف بي آر کان جي آءِ ٽي شريف ڪٽنب بابت 1985ع کان جو رڪارڊ طلب ڪيو هو، پر ايف بي آر صرف 5 سالن جو رڪارڊ ڏنو، جي آءِ ٽي اهو به لکيو آهي ته ڪيس جي شاهدن کي بيان سيکاريا پيا وڃن، طارق شفيع کي اتفاق فائونڊري جي چيف ايگزيڪيوٽو هدايت ڪئي هئي ته پيشي کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم هائوس وڃي، طارق شفيع کي وزيراعظم هائوس مان بيان ڏيڻ لاءِ هدايت ملي هئي، وزارت قانون ۽ انصاف کي جڏهن پرڏيهه مان جاچ ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو ته هن جواب ڏيڻ ۾ 5 ڏينهن دير ڪري ڇڏي، آءِ بي تي الزام هڻندي جي آءِ ٽي لکيو آهي ته 24 مئي تي اهلڪار بلال رسول جي گهر جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، جي آءِ ٽي ميمبر بلال ۽ گهرڀاتين جا اڪائونٽ  آءِ بي جي مدد سان هيڪ ڪيا ويا، اهلڪارن بلال جي ملازمن کي به ڌمڪايو، جي آءِ ٽي درخواست ۾ لکيو آهي ته جي آءِ ٽي جي ٻين ادارن سان خط وڪتابت کي به ڄاڻي واڻي ميڊيا ۾ جاري ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ٽيم کي تڪراري ڪرڻ هو، نواز شريف کي موڪليل سمن به ڳجهو رکيو ويو، پر سڌ سماءَ واري وزارت ان کي جاري ڪري ڇڏيو، هڪ اسيمبلي ميمبر اهو به چيو ته جي آءِ ٽي ڪاسائي جو دڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *