Wednesday , April 24 2024

جي آءِ ٽي مان حسين نواز جي تصوير ليڪ وارو مامرو، ذميوار شخص جو نالو ظاهر ڪيون ٿا: سپريم ڪورٽ

Hussain-Nawaz-leaked-picture

اسلام آباد: حسين نواز جي تصوير ليڪ وارو مامرو، ذميوار شخص جو نالو ظاهر ڪيون ٿا، حڪومت چاهي ته ڀلي جاچ ڪري يا ڪميشن جوڙي:  سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرز تي قائم ٿيل بئنچ، وزيراعظم جي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري ڪيس کي اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته، جنهن شخص تصوير ڪئي هئي ان جو نالو ظاهر ڪيون ٿا، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ان بابت جاچ ڪميٽ جوڙي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ حسين نواز جي درخواست تي سندس جي آءِ ٽي ۾ پيشي دوران تصوير سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۽ بعد ۾ ميڊيا تي اچڻ واري مامري جي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته، تصوير ليڪ ڪندڙ شخص جو نالو ظاهر ڪرڻ بعد حڪومت چاهي ته سندس خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي ۽ وفاقي سرڪار چاهي ته ان بابت ڪميشن به جوڙي سگهي ٿي، ان مامري بابت ڪميشن جوڙڻ عدالتي اختيارن کان ٻاهر آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته تصوير ليڪ معاملي جي رپورٽ ليڪ ٿيڻ بعد حڪومت پاڻ ڪاروائي جو فيصلو ڪري. عدالت موجب جي آئي ٽي تصوير ليڪ ڪندڙ جو نالو ناهي لکيو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *