Wednesday , April 24 2024

جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، سيڪيورٽي انتهائي سخت – عدالت اڄ ڪو به اهم حڪم يا ڊائريڪشن نه ڏيندي: ذريعن جي دعويٰ

JIT report 01JIT members court banch

پاناما مامري جي جاچ ڪندڙ ڇھ ميمبرن تي مشتمل گڏيل جاچ ٽيم جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ تي پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ عملدارآمد بئنچ آڏو ٻڌڻي ٿي رهي آهي. ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ غيرمعمول واڌ ڪئي وئي آهي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏ رينجرز به سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪري رهي آهي جنهن ۾ اعجازالاحسن ۽ جسٽس شيخ عظمت سعيد  شامل آهن. ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن کانسواءِ 1500 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪارن کي به سپريم ڪورٽ جي احاطي اندر ۽ احاطي کان ٻاهر مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪنهن به امڪاني گڙٻڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ رينجرز کي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جيڪا مڪمل طور تي تيار هوندي رڳو اطلاع ڏيڻ جي دير هوندي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب اڄ سپريم ڪورٽ شارٽ آرڊر ٻڌائي سگهي ٿي، پر اهو آرڊر وزيراعظم جي نااهلي بابت نه هوندو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڄوڪي ٻڌڻي ۾ عدالت ڪو به اهڙو حڪم يا هدايتون / ڊائريڪشنس نه ڏيندي جنهن سان ڪنهن به قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي.

خواجا سعد رفيق سميت ن ليگ جي چئن اڳواڻ جي تقريرن ۽ پريس ڪانرنفسز بابت رپورٽ پيش ٿيندي

JIT report 03PMLN leaders

پاناما ڪيس جي عملدرآمد لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جي حڪم تي ن ليگ جي آصف ڪرماڻي ۽ خواجا سعد رفيق سميت چئن اڳواڻن جي تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسز جي ٽرانسڪرپٽ / جيئن جو تيئن لکت ، رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ اُهي چارئي وزير به عدالت ۾ پيش ٿيندا. سپريم ڪورٽ نواز ليگ جي شعلا بيان اڳواڻ پاران جي آءِ ٽي بابت ڪيل سمورين تقريرن، پريس ڪانفرنسز ۽ ميڊيا ٽاڪ جون ٽرانسڪرپٽ رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ اٽارني جنرل سميت لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون ڏنيون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *