Friday , March 29 2024

جيڪو ووٽ جي عزت نه ڪندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين: نواز شريف

ڪوٽ مومن (سنڌسماءَچار  يسڪ) ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف چيو آهي ته، م هنجي تحريڪ ووٽ جي عزت ڪرائڻ آهي، جيڪڏهن ڪممو ووٽ جي عزت نه ڪندو ته اسان انن جي عزت نه ڪنداسين، عمران خان پاڻ مڃيو آهي ته مونکي اقامي تي مليل سزا وارو فيصلو ڪمزور آهي. ڪوٽ مومن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان جي و­ڏن وڏن وڪيلن چيو ته منهنجي خلاف ڪنهن کي ڪجهه نه مليو ۽ ڪرپشڻ جو هڪ رپيو به ثابت نه ڪري سگهيا ته اقامي ۽ پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ڪڍيو ويو. اهي چون ٿا ته، مڃون ٿا ته ڪا ڪرپشن ناهي، نه نواز شريف ڪو ٺيڪو کنيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف ڪرپشن نه ڪئي ته ڇو ڪڍيو، انصاف ڪرڻ بدران ايتريون وڏيون ناانصافيون ڇو ڪيو پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته پاڻ درخواست داخل ڪندڙ عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف فيصلو ڪمزور آهي، ٻُڌايو ته هاڻي ان فيصلي جي ڇا حيثيت آهي، وزيراعظم هائوس مان ڪڍيو. اتي به نه بيٺا، انهيءَ فيصلي کي بنياد بڻائي پارٽي/ ن ليگ جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو.

نواز شريف چيو ته پهريئن فيصلي جي ڪري پاڪستان جي ڪروڙين ووٽرن جي توهين ٿي، سندن ووٽ پنج ماڻهو ڦاڙي اُڇلي ڇڏن، ڪروڙين ووٽرن جي ڪا پرواهه ناهي، پُڇان ٿو ته توهان جي ووٽ جي پاڪستان ۾ عزت ٿيڻ گھرجي يا نه، ووٽ کي عزت ڏيو، قوم فيصلو ڪري ورتو آهي جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مون وِک وڌائي آهي، توهان کي منهنجي وِک سان وِک گڏائي هلڻو آهي، پاڪستان مصيبتن مان ٻاهر نڪرندو ۽ خوشحال ٿيندو، اڄ لوڊشيڊنگ دم ٽوڙي رهي آهي، چيو هو دهشتگردي ختم ڪندا سين ۽ ڪري ڏيکاريو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *