Friday , March 29 2024

جيڪو جهاد في سبي الله تي يقين نه ٿو رکي ان کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو ڪو به حق ناهي:ڪئپٽن (ر) صفدر

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار نيوز) سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته، ” جنهن شخص کي جهاد في سبي الله تي ايمان نه آهي، اهڙي شخص کي پاڪ فوج جو حصو هجڻ / بڻجڻ جو به ڪو حق ناهي“. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اربين رپين جي ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ، ڪئپٽن (ر) صفدر پنهنجي تقرير ۾ ۾ وڌيڪ چيو ته،  پاڪ فوج ۾ احمدين/ قاديانين جي ڀرتي تي مڪمل طور پابندي هجڻ گهرجي. هن اهو به اعلان ڪيو ته هُو قاديانين/احمدين کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي لاءِ نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ قانون سازي به ڪرائيندو. هن چيوته پاڪ فوج سميت ڪنهن سرڪاري عهدي تي ويٺل شخص ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرو آهن. جيڪڏهن ڪي اهڙا ماڻهو سرڪاري عهدن تي موجود آهن ته انهن کي به هٽايو وڃي، احمدي / قادياني ملڪ لاءِ زهر قاتل آهن. ڪئپٽن صفدر، پنهنجي سَهري ۽ نااهل ٿي ويل اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پاران قائداعظم يونيورسٽي ۾، ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جي نالي قائم ڪيل فزڪس ڊپارٽمينٽ جو نالو به تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، نالو تبديل نه ٿيڻ جي صورت ۾ هُن چتاءُ ڏنو ته ايوان سخت احتجاج ڪندو.

نااهل ٿيل وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي مطالبو ڪيو ته اعليٰ عدليه سميت ماتحت / هيٺئين عدالتن جي ججز کان به ختم نبوت تي ايمان جو سرٽيفڪيٽ ورتو وڃي. اهڙي ڪنهن به شخص کي انصاف جي ننڍي يا وڏي ڪرسي تي ويهڻ جو ڪوم به حق ناهي جنهن جو واسطو احمدي / قادياني برادري سان هجي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران ڪئپٽن (ر) صفدر اهو به مطالبو ڪيو ته چونڊن سياسي پارٽين پاران جنهن شخص کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ان کان به قادياني نه هجڻ جو حلف / قسم نامو ورتو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *