Thursday , March 28 2024

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن جو طوق ٻه انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون

honor killing 1

جيڪب آباد ۾ جوابدار پيءُ پنهنجي پٽ سان گڏجي ڪارنهن الزام هڻي پنهنجي نوجوان نياڻي ۽ هڪ نوجوان کي سڌا فائر ڪري سندن زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، جوابدار ڀڄي جان بچائڻ جي ڪوشش دوران گرفتار. جيڪب آباد جي ڳوٺ جاني ديرو ۾ جوابدار دنگو جکراڻي ۽ سندس پٽ شوڪت جکراڻي  سان گڏجي مسمات فريده کي نوجوان قلندر بخش جکراڻي سان ڪارنهن جو طوق مڙهي کين قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار پيءُ ۽ پٽ ناري ۽ نوجوان کي بندوقن جا فائر ڪري ٻنهي ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا. جوابدار 2 زندگين کان ڪارنهن الزام هيٺ جيئڻ جو حق کسي پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ ڀڄي رهيا هئا ته موقعي تي پوليس کين سوگهو ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جوابدار دنگو جکراڻي ۽ سندس پٽ شوڪت جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو . پوليس نوجوان ۽ عورت جا لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا .

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *