Saturday , April 20 2024

”جيلن ۾ هجڻ دوران پارٽي،ڪارڪنن ۽ سياست کي ڀيڻ فريال ٽالپر سنڀاليو“: آصف زرداري

نوابشاهه( رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري نيٺ شهيد بينظير ڀٽو جي قربانين کي وساريندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس جيل ۾ هجڻ دوران پارٽي جي سياست ۽ ڪارڪنن کي سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سنڀاليو.

نوابشاهه ۾ پارٽي جي خاص ۽ ويجهن دوستن جي هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي آصف زرداري تمام گهڻي ڏک پر فخريه انداز ۾ چيو ته، ” جيڪي به مسئلا ٿيا انهن کين منهن نياڻي ڏنو، سڀ ڪم منهنجي ڀيڻ ڪيا آهن. اسان جا ڪم، سياست سڀ اسان جي امانت هئي“،  آصف زرداري جو چوڻ هو ته، ” انهن سڀني کي هن (فريال ٽالپر) سنڀاليو آهي، ورڪرن کي سنڀاليو آهي، اوهان جو خيال ڪيو آهي. انڪري جيڪڏهن ان جو ذڪر نه ڪيون ته اها بلڪل ئي ناانصافي هوندي.“ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين تقريب کي خطاب دوران وڌيڪ چيو ته، ” ادي فريال ٽالپر جي قربانين ۽ دانشمندي کي وساري نه ٿو سگهجي“.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *