Friday , April 19 2024

جيستائين مان آهيان مارشل لا نه لڳندي: چيف جسٽس ثاقب نثار

لاهور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيو آهي ته، آئين ۾ عدالتي مارشل لا جي ڪا به گنجائش ناهي، هاڻي ملڪ جو مقدر صرف جمهوريت ئي آهي. لاهور جي ڪيٿيڊل چرچ ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته، مارشل لا يا وري عدالتي مارشل جون ڳالهيون غير آئين آهن. هن چيو ته آئين ۽ قانون ۾ عدالتي مارشل لا جي پڻ ڪا به گنجائش ناهي. چيف جسٽس چيو ته، جيستائين مان آهيان ايسيتائين مارشل لا نه لڳندي، مارشل لا نه اندران ايندي ۽ نه ئي ٻاهران. هاڻي پاڪستان ۾ صرف ۽ صرف جمهوريت جي طرز واري حڪمراني ئي هلندي. هن چيو ته عوام ۽ ان جي ووٽ جو قدر آهي، آزاد ۽ خودمختيار شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت قائم ٿيندي، صرف اُهائي آئيني ۽ قانوني هوندي.چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪنهن به صورت ۾ پٽڙي تان لهڻ/ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ڪنهن به غير آئيني قدم کي برداشت نه ڪنداسين. ملڪ ۾ آئين جي پاسداري ڪئي ويندي، هڪ منصف جي ذميواري آهي ته، ملڪ ۾ ڪنهن به غير آئيني قدم کي برداشت نه ڪري

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *