Tuesday , April 23 2024

جوهي ۾ چوري جو الزام،عورت تي وچ شهر ۾ تشدد، تذليل سڀ حدون پار

دادو ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي، دادو جي جوهي شهر بااثر شخص وچ شهر ۾ عدالت لڳائي ڇڏي،  چوري جي الزام هيٺ خيرات وٺندڙ عورت تي ۽ سندس معصوم پٽ تي گهر ڌڻي جو بي رحماڻو تشدد، وچ شهر ۾ وارن مان وٺي گهليندو رهيو، 3 پوليس پوليس اهلڪار تماشائي بڻجي سڄو لڪءُ ڏسندا رهيا، آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي رضا حيدر کي به هوش اچي ويو، اي ايس آءِ سميت 3 اهلڪار معطل. سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، جوهي جي بخاري پاڙي ۾ اصغر غوري نالي شخص هڪ عورت ۽ سندس پٽ تي تشدد ڪندو عورت کي وارن مان گهليندو شهر ۾ داخل ٿيو ۽ رڪشا ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شهرين پاران پڇڻ تي اصغر غوري دعويٰ ڪئي ته، ٻه عورتون سندس گهر ۾ گهڙي سون ۽ ٻيو سامان چورائي رهيون هيون جن کي گهر ڀاتين پڪڙي ورتو هڪ عورت فرار ٿي وئي. هن ٻڌايو هڪ عورت کي هنن پڪڙي ورتو آهي.sindhsamaacharcom جي خاص عيوضي موجب عورت تي تشدد ۽ سندس تذليل واري سڄي ماجرا هڪ اي ايس آءِ ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي آڏو ٿي رهي هئي ۽ اُهي خاموش تماشو ڏسي رهيا هئا.

شهرين پاران پوليس اهلڪارن کي ملامت ڪئي وئي جنهن بعد انهن مجبورن متاثر عورت کي معصوم پٽ سان گڏ جوهي ٿاڻي تي پهچايو. متاثر عورت جي سڃاڻپ جوهي واسيڻ ارشاد عرف عاصمه ڌيءُ نياز حسين ٻٻر طور ٿي آهي. ايس ايس پي دادو حيدر رضا عورت تي تشدد ۽ تذليل جو تماشو ڏسندڙ اي ايس آءِ سميت ٽن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ناري کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل دادو منتقل ڪيو ويو آهي. عورت جي تذليل واريون وڊيوز سڀ کان اڳ ۾ سوش: ميڊيا تي آيون جنهن بعد ميڊيا پاران واقعي جون خبرون هلايون ويون. جنهن کانپوءِ بعد آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ به طلب ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ جوهي ۽ دادو پوليس به شهري اصغر غوري جي موقف کي جيئن جو تيئن قبول ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته، هڪ فقيرياڻي اصغر غوري جي گهر مان چوري ڪري فرار ٿي رهي هئي ته عورتن جي رڙين تي مردن گهر مان ٻاهر نڪري فقيرياڻي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي فقيرياڻي بدران عورت ارشاد هٿ اچي وئي ۽ کيس تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو، سندس تلاشي به ورتي وئي پر ان وٽان ڪجهه به هٿ نه آيو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *