Friday , March 29 2024

جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪرونا جو زور چوٽ تي هوندو، لاڪ ڊائون سان ختم نه ٿيندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جولاءِ کان آگسٽ تائين ڪرونا جي پکڙجڻ جو زور چوٽ چڙهيل هوندو، لاڪ ڊائون سان ڪرونا تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهجي، عوام کي پاڻ احتياط ڪرڻو پوندو. قوم لاءِ رڪارڊ ڪري ٽي وي چئنلز تي نشر ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظ۾ عمران خان چيو ته، عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو، عمران خان چيو ته ڪرونا وبا کان بچاءَ لاءِ احتياط نه ڪيو ويو ته ڏکيا ڏينهن ايندا، جيڪڏهن احتياط ڪيو ويو ته پاڪستان تباهي کان بچي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون سان ڪورونا ختم نه پکڙجڻ گهٽجندو آهي، خبر آهي ته ڪورونا جي وبا اڃا وڌي پکڙجندي، پر لاڪ ڊائون سان ان تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهجي ۽ لاڪ ڊائون سبب غريب طبقو ڏکيو وقت گذاري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا لاڪ ڊائون کولي ڇڏيو آهي، آمريڪا ۾ به ايس او پيز تحت ملڪ کوليو ويو. آمريڪا ۾ ڪرونا سبب هڪ لک ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،عوام ڪورونا وائرس کي سنجيده نه ورتو ته ملڪ کي نقصان پهچندو.

شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگرد مٿان قتل ڪيس داخل، فيض گنج ۾ شاگردن جو احتجاج

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *