Thursday , April 25 2024

جهول جو واپاري ڪارنهن الزم هيٺ اغوا بعد قتل

جهول مان گم ٿهيل واپاري تامل داس جو لاش هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

عمرڪوٽ (رپورٽر   سنڌسماءَچار) جهول مان مبينا طور تي گم ٿي وليل واپاري جو سم نالي ڀرسان لاش هٿ اچي ويو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته واپاري تامل داس کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جهول جي ڀرسان ڇٻرلو وٽان سِم نالي مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور تي گم ٿي ويل واپاري تامل داس طور ٿي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واپاري کي ٽئڪسي ڊرائيور انور خاصخيلي قتل ڪري اغوا جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٽئڪسي ڊرائيور وٽان واپاري جي کيسي مان نڪتل 50 هزار رُپيا ۽ ڪار پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس انڪشاف ڪيو ته جاچ دوران ٽئڪسي ڊرائيور اعتراف ڪيو ته هُن ئي واپاري تامل داس کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو مقتول جا سندس ڀاڄائيءَ سان واسطا هئا.

پوليس اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد واپاري جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واپاري تامل جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ ڪيو ويو، کيس جوابدار انور خاصخيلي گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو. مقتول جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *