Thursday , April 18 2024

جهنگلي جيوت کاتي جي عمرڪوٽ آفيس ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي: چيئرمين اينٽي ڪرپشن

Anti corruption 1 Anti corruptionاينٽي ڪرپشن ٽيم جو عمر ڪوٽ ۾ ڇاپو

چيئرمين اينٽي ڪرپشن غلام قادر ٿيٻو چيو آحي ته جهنگلي جيوت کاتي عمر ڪوٽ جي آفيس ۾ سال 2015 ۽ 2016 دوران ڪرپشن جون شڪايتون مليون، جنهن تي لاڳاپيل اختياري کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي.

چيئرمين اينٽي ڪرپشڻ جي هدايت تي ڊائريڪٽر عثمان غني صديقي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني هيٺ لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي 2015 ۽ 2016 جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته ضبط ڪيل رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آهي.

اينٽي ڪرپشن عملدار جو اهو به چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ ۾ مدي خارج دوائون به وڪرو ٿينديون رهن ٿيون جنهن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *