Thursday , April 25 2024

جهانگير ترين پاران پاڻ بچائڻ لاءِ شگر ملز مالڪن کي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو

پاسما ۽ شگر ملز مالڪ وزيراعظم سان ملاقات ڪري ڪرونا ريليف فنڊ ۾ به رقم جمع ڪرائيندا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) کنڊ بحران جي رپورٽ منظر تي  اچڻ کانپوءِ سبسڊي ۽ بحران مان سڀني کان وڌيڪ فائدو ماڻيندڙ جهانگيرگير ترين پاڻ بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته، جهانگير ترين شگر ملز مالڪن ۽ پاسما سان به رابطو ڪري وزيراعظم سان ملڻ جي هدايت ڪئي آهي. کنڊ بحران بابت وزيراعظم پاران جوڙيل ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم واري رپورٽ منظر تي اچڻ کانپوءِ وزيراعظم جي انتهائي ويجهي دوست ۽ حڪومتي معاملن ۾ پنهنجو سڌو اثر رسوخ رکندڙ صنعتڪار جهانگير ترين پاڻ کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، جهانگير ترين شگرملز مالڪن ۽ مل مالڪن جي تنظيم پاسما کي ميدان ۾ لاهڻ جون فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ جهانگير ترين شگرملز مالڪن ۽ پاسما اڳاوڻن سان رابطا ڪري کين هدايت ڪئي آهي ته اهي وزيراعظ۾ سان ملاقات ڪري معاملي تي رعايت وٺن، ان لاءِ وزيراعظم سان ملاقات لاءِ هُو پاڻ ئي وقت وٺي ڏيندو. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق، جهانگير ترين پاسما اڳواڻن سان به رابطا ڪري کين راضي ڪري ورتو آهي، ان لاءِ شگرملز مالڪن ۽ پاسما جا اڳواڻن جو وفد وزيراعظ سان ملاقات ڪري ڪرونا ريليف فنڊ ۾ به رقم جمع ڪرائيندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *