Friday , April 19 2024

جهانگير ترين پاران تحريڪ انصاف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ جو اعتراف

پارٽي ۾ گروپ بندي موجود آهي،مان انڪار به ڪيان ته حقيقت تبديل نه ٿي ڪري سگهجي: جهانگير ترين

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ٻه ڌڙا موجود آهن، اهو سبب آهي جو حڪومتي وهنوار هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي ڪپتان وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ نائب ڪپتان ليکيو ويندڙ جهانگير ترين نجي  ٽي وي سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، “ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف ۾ ٻه گروپ موجود آهن، جيڪڏهن مان ان گروپ بندي کان انڪار ڪيان ته اهڙي ڳالهه ٻيو ته ٺهيو پر پارٽي جا اڳواڻ به قبول نه ڪندا، سو اها حقيقت ۽ بدقسمتي آهي جو پي  ٽي آءِ ۾ ٻه ڌڙا آهن”، جهانگير ترين نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ، “ گروپ بندي اها حڪومت ۾ هجي، ڪنهن ڪمپني ۾ هجي يا تنظيم ۾ انتهائي نقصانڪار هوندي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي، اختلافن يا گروپ بندي جي نتيجي ۾ گهربل نتيجا به ملي ناهن سگهندا”.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *