Saturday , April 20 2024

جهانگارا ۾ شهيد ڪيل نياڻي تانيا خاصخيلي کي قتل ڪندڙ جوابدارن سيدن جي گاڏي استعمال ڪئي

murderTania khaskheli 01

جهانگارا: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ جهانگارا ۾ هفتو اڳ وحشي جوابدارن پاران شادي کان انڪار ڪندڙ پورهيت جي نياڻي ۽ ميٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري واقعي ۾ اهم انڪشاف ٿيو آهي. نياڻي تانيا خاصخيلي جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چٽن لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته، سندن نياڻي جي قتل ۾ جوابدارن سيدن جي گاڏي استعمال ڪئي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ جو وڏو وزير جمعي ڏينهن شهيد نياڻي تانيا جي وارثن سان عذرخواهي ڪرڻ لاءِ جهانگاران ۾ سندن تڏي تي پهتو ته، ناري جي وارثن وڏي وزير کي قتل واري واقعي جا تفصيل ٻڌايا. وارثن وڏي وزير کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي موجودگيءَ ۾ چيو ته، “ مراد علي شاهه توکي اسان ٻڌايون ٿا ته اسان جي نياڻي کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ جوابدارن سيدن جي گاڏي به استعمال ڪئي”. تڏي تي موجود ماڻهن مان هڪ شخص سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته جڏهن شهيد نياڻي جي وارثن اها ڳالهه ڪئي ته، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاموش ٿي ويو ۽ هن ڪو به جواب نه ڏنو.

ان مو قعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن هنڌ تانيا قتل ٿي آهي اُهو نه رڳو سندس تڪ آهي پر ڳوٺ به آهي، ڇو ته جهانگرا کان ٿورڙو ئي پرڀرو سندس والد ۽ هن جي جنم ڀومي به آهي. مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جوابدار ڀلي ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن کي لازمي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

تانيا خاصخلي جا قاتل ميڊيا جيڪري لڪي ويا: وڏي وزير جي دعويٰ

Murad shah wahurr2

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته، جهانگارا ۾ قتل ٿي ويل مئٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري معاملي جون خبرون ميڊيا ۽ عوامي رابطن جي گروپس تي هلڻ سبب جوابدار لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سيد مراد علي شاهه اهڙو اظهار جهانگارا ۽ دادو ۾ ميڊيا ساسن ڳالهائيندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته اصل ۾ معاملو ميڊيا خراب ڪري ڇڏيو، قتل واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي هلڻ سبب جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ هُو لڪي ويا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *