Friday , March 29 2024

جن جي گهرن تي گهرشماري جا نمبر نه لڳا آهن، اهي 12 اپريل تائين ڪنٽرول روم تي ڄاڻ ڏين: شماريات ڪمشنر

  AAA

ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو جي سربراهه آصف باجوا ملڪ اندر آدمشماري ۽ گهرشماري جي مدت ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ملڪ اندر ٿيندڙ 63 ضلعن ۾ گهرشماري جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ شامل 63 ضلعن جي جن به گهرن تي نمبر نه لڳا آهن، اهي شماريات بيورو جي ڪنٽرول روم تي 12 اپريل تائين پنهنجون شڪايتون فون ذريعي لکرائين. ان سلسلي ۾ 13 اپريل بعد ڪنهن به اهڙي شڪايت جو ازالو نه ڪيو ويندو.

شماريات بيورو جي سربراهه آصف باجوا چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي 63 ضلعن اندر گهرشماري جو ڪم آچر تي مڪمل ڪيو ويو آهي، هاڻي 63 ضلعن جي ٻئي بلاڪ ۾ آدمشماري جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن پهرين مرحلي ۾ شامل ڪراچي ڊويزن جي ضلعن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعي سميت ملڪ جي 63 ضلعن جي عوام تي واضح ڪندي چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ شامل 63 ضلعن مان جن گهرن تي نمبر نه لڳايا ويا آهن، انهن بابت 12 اپريل تائين شماريات بيورو جي ڪنٽرول روم تي آگاهي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ 13 اپريل بعد اهڙين شڪايتن جو ازالو نه ڪيو ويندو.

آصف باجوا جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي جي 63 ضلعن اندر ٻئي بلاڪ ۾ آدمشماري جو ڪم 13 اپريل تي مڪمل ٿيندو، اهڙي ريت 63 ضلعن اندر گهرشماري ۽ آدمشماري جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويندو، ان بعد 25 اپريل کان ملڪ اندر گهرشماري ۽ آدمشماري جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو، ٻئي مرحلي ۾ 87 ضلعا شامل هوندا، ٻيو مرحلو 25 مئي تي مڪمل ٿيندو.

census image2census2

ملڪ اندر آدمشماري ۽ گهرشماري مڪمل ڪرڻ لاءِ مقرر 25 مئي جي مدت ۾ ازالو نه ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 2 هزار کان وڌيڪ شڪايتون مليون، جن جو بروقت ازالو ڪيو ويو، هن چيو ته جنهن شهري جون ٻه گهرواريون آهن، ان کي هڪ گهرواري کي گهراڻي جي سربراهه لکرائڻو پوندو، جڏهن ته هڪ گهرواري جي گهراڻي جو سربراهه مڙس پاڻ ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته هڪ آڱر ڪٽيل هجڻ جي صورت ۾ اهڙن ماڻهن کي معذورن ۾ شمار نه ڪيو ويندو، هن چيو ته آدمشماري مڪمل ٿيڻ بعد انگ اکر ترتيب ڏيڻ وقت سنڌ ۽ ڪي پي ڪي صوبا ڊيٽا پراسيسنگ لاءِ ٽيمون موڪلي سگهن ٿا، هن چيو ته وزيرستان جي ٻنهي ايجنسين ۾ جيڪڏهن بي گهر ٿيل نه آيا آهن، انهن جي رجسٽريشن وارن تفصيلن کي حاصل ڪري انهن کي اتان جا شهري شمار ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *