Friday , March 29 2024

جميعت علماءَ اسلام سنڌ جي اي پي سي، سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني افغانين جي نيڪالي جو ذڪر گم

اي پي سي جي گڏيل پڌرنامي ۾ سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ ڪراچي ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قومپرست پارٽين پاران سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري مطالبي تي ميزبان جماعت خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، جاري ڪيل پڌرنامي ۾ به ان مطالبي جو ڪو به ذڪر نهي ڪيو ويو. نائين جولاءِ جي يو آءِ سنڌ جي ميزباني هيٺ ٿيل اي پي سي ۾ پيپلزپارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ نمائند شرڪت ڪئي. اي سي دوران ڳالهائيندي ايس يو پي، ايس تي پي ۽ ڪيو اي ٽي جي اڳواڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني افغاني، بنگالي، برمي ۽ ٻين پرڏيهين کي فوري طور تي واپس سندن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. آل پارتيز ڪانفرنس کانپوءِ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ۽ ٻين پاران گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ پي ٽي آءِ سرڪار جي نااهلين جو ته ذڪر ڪيو ويو پر ان ۾ ڪٿي به قومپرست پارٽين پاران افغانين سميت غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل پناهگيرن جي سندن ملڪن ڏانهن واپسي واري مطالبي بابت ڪجهه بهب شامل نه ڪيو ويو، گڏيل پڌرنامي ۾ قومپرست جماعت پاران ڪيل مطالبي جو سکڻو ذڪر به نه ڪيو ويو. جي يو آءِ پاران اهڙي رويي تي سنڌ جي سياسي توڙي سڄاڻ حلقن ۾ سخت ڪاوڙ جي للهر ڇانيل آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي به ان جي مذمت ڪئي پئي وڃي، پر هيل تائين جي يو آءِ سميت ڪنهن به لاڳاپيل جماعت جو موقف سامهون ناهي آيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *