Thursday , April 18 2024

جمهوريت بهترين انتقام! پ پ جي حڪومت ۾ برطرف ايس ايل ٽيز ۽ ايس آر پي جي ملازمن باٺا وسائي واٽر ڪينن سان ڌوئي ڇڏيو

Teachers 04

ڪراچي پريس ڪلب آڏو گذريل هڪ هفتي کان احتجاج ڪندڙ سنڌي لئنگويج ٽيچرز ۽ سنڌ ريزور پوليس جي اهلڪارن پاران ڌار ڌار وزيراعليٰ هائوس طرف وڃڻ جي ڪوشش دوران، پوليس مٿتن ڪڙڪي پئي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مٿن باٺا وسايا. پ پ جي موجوده حڪومت پاران پنهنجي گذريل حڪومت دوران ڀرتي ڪرڻ بعد غير قانوني طور ڀرتي ڄاڻائي برطرف ڪيل استادن ۽ ايس آر پي اهلڪار ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ هفتي کان احتجاج ڪري رهيا آهن. پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويٺل برطرف استاد ۽ بعد ۾ پوليس اهلڪارن ڌار ڌار وزيراعليٰ هائس ڏانهن احتجاجي مارچ شروع ڪيو ته، پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، مٿن لٺيون وسائيندي واٽر ڪينن جو استعمال ڪري کين ڌوئي ڇڏيو. واٽر ڪينن جي استعمال باٺا لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت استاد زخمي ۽ ڪيترائي ڌڪي ٿي پيا، ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙڻ جا لٽا به ليڙون ليڙون ٿي ويا. پوليس اهلڪارن احتجاج ڪندڙن جون لڳايل ڪئمپ ۽ اتي موجود ٻيو سامان کڻي ٿاڻي تي پهچائي ڇڏيو. استاد اڳواڻ ابوبڪر ابڙي سميت 22 استاد ۽ 17 ايس آر پي اهلڪار گرفتار، آرٽلري ميدان ۽ ٻين ٿاڻن تي لاڪپ حوالي ڪيا ويا.

Teachers 02

استادن ۽ ايس آر پي اهلڪارن الزام هنيو آهي ته اسان جا 100 کان مٿي ساٿي گرفتار ڪيا ويا آهن. مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪراچي پريس ڪلب آڏو هفتي کان احتجاج ڪندڙ مختلف ضلعن حيدرآباد، مٽياري، سانگھڙ، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان آيل اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق جي دور ۾ ڀرتي ٿيل استادن ڪالهه تعليم کاتي جي اختيارين سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ لاءِ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته الرٽ بيٺل پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ٿيل احتجاجي ڪئمپ ڊاهي پَٽ ڪئي وئي. ڪئمپ جو سمورو سامان به پوليس اهلڪار پنهنجي موبائيل ۾ وجھي کڻي ويا. جڏهن ته سال 2012کان 14ع تائين مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ٿيل ايس آر پي ۽ ضلعي پوليس اهلڪارن پاران پڻ ان دوران نوڪرين تان لاهڻ خلاف احتجاج ڪيو پئي ويو. جن مٿان به استادن سان گڏ لٺبازي ڪئي وئي. جنهن دوران احتجاج ڪندڙ هڪ عورت پوليس اهلڪار بيهوش ٿي وئي. جنهن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال نيو ويو. ڄاڻ موجب ته پوليس 39 کان مٿي وڌيڪ استادن ۽  ايس آر پي اهلڪارن کي گرفتار ڪري کڻي وئي. جن کي آرٽلري ميدان ۽ ٻين ٿاڻن تي رکيو ويو.

Teachers 01Teachers 04

استاد اڳواڻن انصاف شاهاڻي، سڌير ڇڄڻ، خليل گبول، آفتاب نائچ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار اسان کي حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان سکڻيون خاطريون ڪرايون ويون پر اسان هفتي کان ڏينهن رات کليل آسمان ويٺل آهيون حڪومت کي ان جو احساس به ناهي. هنن چيو ته آمريت واري دور ۾ به استادن سان اهڙو ڪلور ڪڏهن ناهي ڪيو ويو جيڪو جھموري دور ۾ پ پ پ جي چونڊيل حڪومت اسان سان ڪيو آهي. اسان جي 50 کان مٿي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ساٿي استادن کي مختلف ٿاڻن تي رکي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ مطالبن تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پگھارون ڏئي گرفتار استادن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته اسان جا 60 کان مٿي اهلڪار گرفتار ڪيا ويا آهن. اسان کي هڪ مهيني ۾ بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر واعدي تي عمل نه ڪيو ويو جنهن بعد اسان پرامن نموني احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته اسان مٿان تشدد ڪيو ويو ۽ اسان جي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته بحال نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو. استادن ۽ ايس آر پي توڙي ضلعي پوليس اهلڪارن الزام هنيو آهي ته اسان جا 100 کان مٿي ساٿي گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس گھٽ انگ ٻڌائي رهي آهي، ٻئي طرف ذريعن  جو چوڻ آهي ته 22  استاد ۽ 17 ايس آر پي اهلڪار گرفتار ٿيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *