Friday , March 29 2024

جمائمه خان پاران ريحام خان جو ڪتاب برطانيه ۾ ڇپجڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو اعلان

لنڊن(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمران خان جي اڳوڻي گهرو واري جمائمه گولڊ سمٿ ريحام خان جي ڪتاب تي پنهنجي اڳوڻي وَر جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي، جمائمه گولڊ سمٿ چيو آهي چيو آهي ته ريحام خان جو ڪتاب برطانيا ۾ شايع ٿيڻ جي قابل نه آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ جمائمه گولڊ سمٿ چيو ته ريحام خان جو ڪتاب لنڊن ۾ شايع ٿيڻ جي قابل نه آهي ۽ يقين آهي ته اهڙو ڪتاب برطانيا ۾ شايع به نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن اها ڪتاب شايع به ٿيو ته پوءِ هو پنهنجي 16 ورهين جي پٽ ذريعي ريحام کي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيندي. جمائمه گولڊ سمٿ چيو ته ريحام خان جو ڪتاب لنڊن ۾ شايع ٿيو ته پوءِ هو سندس خلاف نجي زندگي ۾ دخل اندازي جو ڪيس به داخل ڪرائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *