Friday , March 29 2024

جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي مطالبي تي سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ علاميت بک هڙتالن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ايس يو پي پاران سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي.

غيرقانوني پرڏيهيين لاءِ نادران پاران سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ ڏنل سهولت جو عڪس

نادرا پاران سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران پارٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري دوران نادرا اختيارين خاص طور تي چيئرمين عثمان مبين خلاف نعري بازي به ڪئي وئي. احتجاجي مظاهرو کانپوءِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ جلال ممحمد شاهه کانسواءِ، عنايت کٽياڻ، محمد يونس مهر سيد زين شاهه، سيد غلام شاهه، اعجاز سامٽيو، ادريس چانڊيو، ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته، نادرا جي سينٽرن تي تيزي سان پرڏيهين کي  ڪارڊن ٺاهي ڏيڻ لاءِ نادرا جي عملي تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ غيرقانونيي پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت نه ڏيندڙ عملدارن خلاف قانون کان مٿانهيون ڪاررواويون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته، نادرا چيئرمين عثمان مبين غير قانوني طريقي سان نادرا جي قائدن ۽ ضابطن هير ڦير ڪري پرڏيهين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ  جون سهولتون مهيا ڪرائي رهيو آهيو، جيڪو عمل نه رڳو غير قانوني پر غير آئيني به آهي. هن چيو ته نادار چيئرمين، ڌرتي ڌڻين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ، ايڊريسز تبديل ڪرڻ سميت ٻين مرحلن تي اجايو پريشان ڪري سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪائي رهيو آهي. ان جي ابتڙ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خاص طور تي بنگالين ۽ برمين کي صرف 50 رپين جي دستاويز تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ موبائل ٽيمون تشڪيل ڏنيون آهن جيڪي گاڏين تي ويهي رجسٽريشن ڪري رهيون آهن. سيد جلال محمود شاهه نادرا جي سهوليت سان ڌارين کي ڪوڙن تصديقي سرٽيفڪيٽن ۽ دستاويزن ذريعي ڌارين جي لوڌ کي هتان جو شهري بڻايو پيو وڃي جيڪو اسان کي هرگز قبول ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *