Friday , March 29 2024

جعلي ڊوميسائيلز رد ڪيو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻو، ڏهرڪي، فيض گنج، نارو سميت سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جعلي ڊوميسائيلز رد ڪرائڻ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو /فيض گنج (رپورٽرز سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ واري عملي خلاف ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيلز رد ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، بدين، ڏهرڪي، فيض گنج ۽ نارو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌ اندر ٻين صوبن جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري معاملي خلاف جاري احتجاج جي سلسلي ۾ ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو، فيض گنج، ڏهرڪي، سنڌڙي، نصير آباد، جوهي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاج ڪندڙن پاران جعلي ڊوميسائيل ٺاهيندڙ ڪامورن خلاف سخت نعري بازي ڪئي. فيض گنج ۾ سياسي سماجي اڳواڻن تصور باقي، شازم خادم شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي شاذم خادم، تصور باقي ۽ ٻين چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل ٺهرائي انهن کي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون ويو آهن، جنهن سان سنڌ جي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.

هنن چيو ته اهڙو عمل نه رڳو غيرقانوني پر غير اخلاقي ۽ بينادي انساني حقن جي به خلاف آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيل ۽ ان بنياد تي تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ مليل نوڪرين کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، انهن ماڻهن پاران ورتل مالي فائدن جي صورت ۾ ناڻو به واپس سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. پنو عاقل، پيرڳوٺ، مٺياڻي، تنگواڻي، ڀان سيد آباد، ڏهرڪي، ڏوڪري ۾ به احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪيا ويا، مظاهرو ڪندڙ نوجوانن جو چوڻ هو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

نارو ۾ جسقم پاران س نڌ۾ ڌارين جا ڊومسائيلز جالي ڊوميسائيلز جاري ٿيڻ خلاف جسقم پاران چونڊڪو ۾ لطيف رڏ، اعجاز شر ۽ خورشيد ڏھر جي اڳواڻي بازار مان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چونڊڪو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب  ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڌارين ماڻھن کي جاري ڪيل ڊوميسائليز رد ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *