Thursday , March 28 2024

جعلي ڊوميسائل رد ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪيو، سنڌسيڪريٽريٽ آڏو احتجاج، مشتاق سرڪي گرفتار

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، 7 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، مشتاق سرڪي سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار. ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي مک دروازي آڏو ڪبوتر چوڪ تي مشتاق سرڪي، خليل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جعلي ڊوميسائل رد ڪرائڻ ۽ اهڙا ڊوميسائيل جاري ڪندڙ ڪامورن خلاف ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي ۾ ڪراچي شهر سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان به ماڻهن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ سيڪريٽريٽ جي مک دروازي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سامهون ڪبوتر چوڪ تي صبح 11 هين وڳي کان شام جو دير تائين ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي مشتاق سرڪي خطاب ڪندي چيو ته جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ روزگار ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏئي ڌرتي ڌڻين جي حقن تي راتاها هنيا ويا آهن، جيڪي هاڻي نه رڳو هتان جا شهري هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر مستقل طور تي سنڌ جي نوڪرين ۽ تعليمي ادارن تي قابض ٿيندا پيا وڃن.

هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي جاري ڪيل ڊوميسائيل ۽ انهن جي بنياد تي تعليمي ادارن ۾ داخلائون به رد ڪري ان ۾ ملوث ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. شام جو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي ڏکڻ مڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ  مشتاق سرڪي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون پر هنن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس لٺبازي ڪري مشتاق سرڪي، خليل چانڊيو ۽ ٻين سوڌو 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گفتار ڪري آرٽلري ميدان ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪجهه سرڪاري ڪامورن جو مشتاق سرڪي ۽ ٻين سان رابطو آهي جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته مشتاق سرڪي سميت گرفتار ڪيل ڪجهه ماڻهن ڪيس داخل ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *