Saturday , April 20 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لاننڊرنگ جو اهم ڪردار گرفتار

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽرز    سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي اسلم مسعود کي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرپول ذريعي سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيل اسلم مسعود کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. اومني گروپ، سمٽ ۽ سنڌ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. ايف آءِ اي ۽ وفاقي گهرو وزارت پاران انٽرپول ذريعي گرفتار ڪيل اسلم مسعود کي اسلام آباد پهچڻ شرط کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلم مسعود کي 29 هين جنوري تي سعودي عرب کان پاڪستان منتقل ڪرڻو هو پر سندس بيماري سبب واپسي ۾ دير ٿي، ان دوران ايف آءِ اي سموري معاملي جي نگراني ڪندي رهي. اسلم مسعود بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته، اسلم مسعود اومني گروپ جو چيف فنانشل آفيسر ۽ مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيم ڪرائون ڪمپني سنڀاليندو هو. 64 سالن جو اسلم مسعود ڪيترن ئي سالن کان اومني گروپ ۽ ان جي مالڪ انور مجيد لاءِ جعلي اڪائونٽس ذريعي ڏوڪڙ منتقل ڪرڻ سميت راضداري وارا معاملا سنڀاليندو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اسلم مسعود ۽ انو مجيد جي ڪرائون ڪيم ڪمپني کي استعمال ڪندا هئا، جنهن کي مڪمل طور تي اسلم مسعود سنڀاليندو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *