Wednesday , April 24 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: نظرثاني جون سموريون درخواستون رد

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر،انور مجيد، مردعلي شاهه ۽ سنڌ حڪومت سميت نائين جنوري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل نظرثاني واريون 9 درخواستون رد ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ چئن ڪلاڪن تائين لاڳيتو درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته، ٻڌڻي دوران چيو ته اڄ صرف هڪ ئي نقطي تي دليل ڏنا ويا آحن ۽ اهو نقطوآهي ڪيس جي سلسلي ۾ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ خدشي يا امڪاني صورتحال وارو.

سُپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ داخل نظرثاني واريون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ اومني گروپ سوڌو ٻين طرفان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 جنوري واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواستون داخل ڪرايون ويون. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل بئنچ ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو جاري ڪيو. عدالت فيصلو جاري ڪندي سموريون نظرثاني واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مراد علي شاهه ۽ بلاول سوڌو ٻين کي نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ بدران عدالت جا ٿورا مڃڻ گهرجن ها

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، نيب ڪنهن به انڪوائري، انويسٽيگيش جي سلسلي ۾ ڪنهن به اداري يا اختياري کان سهڪار وٺي سگهي ٿي، ان ۾ ڪنهن به قانوني رڪاروٽ جو جواز اجايو آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته، عدالت مفورضن يا وري مستقبل ۾ ڪنهن فيصلي يا فيصلن کي نظر ۾ رکندي ڪو به فيصلو نه ٿو ڏئي سگهجي.

سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 110 آفيسرن کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي ملي وئي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *