Friday , April 19 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل؛ آصف،فريال ۽ ٻين جون عارضي ضمانتون واپس

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) بئنڪنگ ڪورٽ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جون عارضي ضمانتو واپس ڪندي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، آصف زرداري پاران بئنڪنگ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل سان گڏ ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جمعي ڏينهن پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. بينڪنگ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي منتقلي بابت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻڌايو ويو آهي. بينڪنگ ڪورٽ درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي. عدالت آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جون عبوري ضمانتون به واپس وٺي ڇڏيون.فيصلي ٻڌائڻ وقت آصف زرداري، سندس وڪيل وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا. ان موقعي تي عدالتي احاطي اندر توڙي ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، ڪيس جي منتقلي واري فيصلي سان جوابدارن جي عبوري ضمانت به پاڻمرادو رد ٿي وئي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن پاران ضمانتون وٺڻ سان گڏ ڪيس جي منتقلي واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *