Friday , March 29 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ ڀاڱي ڀائيوار وڌڻ لڳا

اسلام آباد (خاص نمائدو  سنڌسماءَچار) جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نئين ڀائيوار جو به نالو منظر تي اچي ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، مني لانڊرنگ ڪيس کي منهن ڏيندڙ ماڊل ايان علي ۽ پ پ پ سينيٽر رخسانه بنگش ۽ مشتاق نالي شخص جو به نالو به ڀائيواري ۾ شامل رهيا آهن، نيب رخسانه بنگش جو هڪ خط به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس ۾ ٿيندڙ جاچ بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته، مشتاق نالي شخص مني لانڊرنگ ڪيس جي مک جوابدار ماڊل ايان علي سان گڏ پرڏيهي دورا ڪندڙ شخص کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رخسانه بنگش پاران مقرر ڪرايو ويو هو. ايان علي سان دورا ڪندڙ مشتاق نالي شخص کي ايوان صدر ۾ پروٽوڪول آفيسر طور مقرر ڪرايو ويو، جنهن سپر ماڊل ايان علي سان 45 جي لڳ ڀڳ پرڏيهي دورا ڪيا، جنهن دوران کين پروٽوڪول به ڏياريو ويندو هو، ذريعن ٻڌايو آهي ته مشتاق نالي شخص جي مقرري رخسانه بنگش جي سفارشي خط تي ڪئي وئي، نيب ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته رخسانه بنگش جو اهڙو لکيل خط نيب حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن بعد نيب رخسانه بنگش کان به هن ڪيس ۾ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *