Thursday , April 18 2024

جعلي اڪائونٽس، هريش اينڊ ڪمپني ڪيس: آصف زرداري کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب پاران جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي بنياد تي هڪ وڌيڪ ريفرنس تيار ڪري ورتو، نيب آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي کيس سڀاڻي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري تي الزام آهي ته، هن هريش اينڊ ڪمپني کي سنڌ اسپيشل انيشي ايٽو کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو ورتو هو پر ان منصوبي تي ڪو ڪم نه ٿيو پر ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس جا خرچ ادا ڪيا ويا. نيب ذرفيعن موجب هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين ڪمپني جي فرنٽ ڪمپني هئي ۽ ان ڪيس ۾ قومي خزاني کي 60 ملين رپين جو نقصان پهچايو ويو. ذريعن موجب اڳوڻي سيڪريٽري اسپيشل انيشي ايٽو اعجاز احمد خان ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيسز جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا نيب آڏو پيش ٿي چڪا آهن، ٻنهي گرفتاري کان بچڻ لاءِ عبوري ضمانت به حاصل ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *