Friday , March 29 2024

جشنِ ٿر ته ملهايو وڃي ٿو، پر ماڻهن وٽ ڪفن جا ڏوڪڙ به ناهن، آفيسرن جو ضمير مري چڪو آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

Sindh High Court buld

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾، خوراڪ جي کوٽ سبب مرندڙ ٻارڙن واري مامري/ڪيس جي ٻڌڻي دوران رماڪس ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سرڪاري آفيسر ٿرپارڪر جي ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪرڻ بدران اُتي تفريح لاءِ ٿر ويندا آهن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته، ايندڙ ٻڌڻي تي دفترن ۾ ويٺل سرڪاري آفيسر ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت رپورٽون پيش ڪرڻ بدران اُهي آفيسر رپورٽون پيش ڪن، جيڪي ٿر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

سرڪاري آفيسرن جو ضمير مري چڪو آهي ۽ انهن کي رڳو پگهارن ۽ مراعتن جي فڪر آهي. اهي ماڻهو ته بک سبب مري ويندڙ معصوم ٻارن جي ميتن کي ڏسڻ ۽ سندن والدين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ به نه ويندا آهن. اهي سوچيندا هوندا ته ٿر جي دوري دوران اهي مارئي جو کوهه ڏسي وٺن. سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڪم ڪن ته اتي ماڻهو نه مرن. روزانو ٻار مري رهيا آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هتي جشن ٿر ملهايو ويندو آهي پر اتي ماڻهن وٽ ڪفن جا پئسا به ناهن. عدالت حڪم ڏنو ته ٿرپارڪر ۾ ڊاڪٽرن جي مقرري بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وڃي.

ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ  جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ٿر پارڪر توڙي اڇڙي ٿر وارن علائقن ۾ ٻيهر خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ توڙي علاج جي سهولتن جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر پاران پيش ڪيل رپورٽن کي رد ڪندي، سنڌ جي صحت ۽ خوراڪ کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ڊي سي ٿر کي ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال، ٻارن جي فوت ٿيڻ توڙي علاج ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيلي رپورٽ سميت 18 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

thar children death issue 2thar children death issue 1

ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر پاران عدالت ۾ لکت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ڄاڻو آهي ته، پهرين جنوري 2017 کان 15 اپريل 2017 تائين ٿر ۾  80  ٻار فوت ٿيا آهن. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ته سال 2014 دوران 398 ٻار فوت ٿيا. سال 2015 ۾ 320 ٻار ۽ 2016 دوران ڪل 98 ٻار فوت ٿيا. ڊي سي ٿرپارڪر جي رپورٽ موجب،  گهڻي ڀاڱي ٻارن جو موت “لو برٿ ويٽ” جي ڪري ٿيو آهي. ٿرپارڪر ۾ ننڍي عمر ۾ شاديون به وڏو مسئلو آهن. ٿرپارڪر ۾ عام طور تي 13 سالن جي عمر ۾ نياڻين جي شادي ڪرائي ويندي آهي. ٿرپارڪر ۾ ڊاڪٽرن جي ڪمي به علاج جي سهولتن جي فراهمي  ۾ رڪاوٽ آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن غير فعال هجڻ سبب ٿرپارڪر لاءِ ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيا آهن، مريضن کي ڳوٺن کان اسپتال يا وري هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ فور باءِ فور ايمبولينسز جي به کوٽ آهي. ڊي جي رپورٽ موجب، ٿر جي رورل هيلٿ سينٽر ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽرز ۾ ڳورهاري عورتن لاءِ سهولتن جي کوٽ آهي، سماجي مسئلن سبب وڌيڪ ٻار فوت ٿيا آهن.

thar children death issue 4

رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر ۾ اڪثر ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿيڻ ۽ لو برٿ ويٽ جي ڪري مري وڃن ٿا ۽ ميڊيا تصديق کانسواءِ ٻارن جي موت جون خبرون هلائي رهي آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر ۾ صحت جا 6 وڏا ادارا آهن.

پي پي ايڇ آءِ ۽ هينڊز ذريعي به صحت جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. 50 موٽرسائيڪل صحت  ڊسپينسريون به فراهم ڪيون ويون آهن. مڊ وائيف ڪميونٽي اسڪول به قائم ڪيو ويو آهي.

thar children death issue 5

ان موقعي تي سنڌ جي ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي جي سيڪريٽري پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ٿر جي چئن ضلعن ميرپور خاص، سانگهڙ، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پاڻي جي فراهمي، صحت جي سهولتن ۽ ٻين اهم رٿائن تي هلندڙ سال اپريل مهيني تائين ساڍا 6 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد ٿر ۾ خوراڪ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ آهن.

ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر چيو ته ساڳي نوعيت جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به هلندڙ آهي، جنهن به ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ڪري ان ڪيس کي هلڻ ڏنو وڃي. ان موقعي تي عدالت ڄاڻايل ٻنهي رپورٽن کي رد ڪندي سنڌ جي صحت، خوراڪ کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر کي ٿرپارڪر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي ڪمي، علاج معالج جون سهولتون مهيا ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ سميت 18 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس فيصل عرب  2015ع ۾ ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت  ميڊيا تي آيل خبرن بابت رجسٽرار پاران پيش ڪيل نوٽ کي آئيني درخواست ۾ تبديل ڪندي سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو هو. جنهن بعد جنهن کانپوءِ پائلر ۽ ٻين تنظيمن پڻ ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ توڙي خوراڪ جي ڪمي ۽ علاج جي سهولتن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي سنڌ سرڪار ڪميشن جوڙي، جنهن پنهنجي انڪوائري رپورٽ سنڌ سرڪار کي پيش ڪري ڇڏي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *