Friday , April 19 2024

”جسٽس وقار احمد سيٺ ذهني مريض ۽ ان- فٽ آهي“: قانون وارو وزير فروغ نسيم

”جسٽس وقار احمد سيٺ ذهني مريض ۽ ان- فٽ آهي، هن خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين، سپريم ڪورٽ کيس ڪم کان روڪي“: قانون وارو وزير فروغ نسيم

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته،”  سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته، خاص عدالت پاران پرويز مشرف کي ڊي چوڪ تي ڦاهي ڏيڻ جي واري فيصلي ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آهي؟ لاش کي ڦاهي ڏيڻ آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، جسٽس وقار احمد سيٺ ذهني مريض آهي، سندس خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين، سپريم ڪورٽ کي به گذارش آهي ته کيس ڪم  ڪرڻ کان روڪي“. قانون واري وزير فروغ نسيم اسلام آباد ۾ خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ۽ شهزاد اڪبر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جج فيصلي ۾ جيڪي به لفظ استعمال ڪيا اهي انتهائي غلط آهن. هن چيو ته آئين ۾ اهڙي قسم جي ڪنهن به سزا جو حڪم ناهي، فيصلي ۾ اهڙا رمارڪس يا آبزرويشن ڏيڻ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. جج پاران اهڙا رمارڪس ڏيڻ مان ثابت ٿي ويو آهي آهي ته هُو ذهني مريض آهي ۽ اسان ان خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ وينداسين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي به گزارش آهي ته اها هن جج کي ڪم ڪرڻ کان روڪي. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته حڪومت جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس به داخل ڪنداسين.

فروغ نسيم چيو ته، پرويز مشرف خلاف فيصلو لکندڙ جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس دوران خصوصي عدالت جي تفصيلي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن دوران قانوني ماهر جي راءِ بعد حڪومت جسٽس وقار سيٺ خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اجلاس دوران اتفاق ڪيو ويو ته ڊي چوڪ تي لاش ٽنگڻ واري ڳالهه ڪري انساني حقن جون حدون اورانگهيون ويون آهن.

بااثر شخصيت جي مداخلت، آءِ جي سنڌ تي هٿ هلڪو رکڻ جي هدايت

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *