Thursday , April 25 2024

جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ نگران وزيراعظم نامزد، پ پ ۽ ن ليگ جو گڏيل اعلان

اسلام آباد (خصوصي نمائندو    سنڌسماءَچار) ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان جو نگران وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس، جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ هوندو، وفاقي ڪابينا جو اعلان نگران وزيراعظم ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم بابت جيڪي به نالا تجويز ڪيا ويا اُهي سڀ احترام جي لائق آهن. انهن جو سڀني وٽ احترام آهي. هن چيو ته، اها جمهوريت جي ڪاميابي آهي جو اسيمبليون پنهنجو آئيني مدو مڪمل ڪري رهيو آهن ۽ نگران وزيراعظم جي نمازدگي به جمهوري ۽ آئيني طريقي سان ڪئي وئي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ تي مخالف ڌر جي ڪنهن به پارٽي کي اعتراض نه هوندو، هُو غير تڪراري شخص آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪندي چيو ته، حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ غور ويچار بعد نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ ناصرالمڪ جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اُهو ملڪ جو نگران وزيراعظم هوندو. خورشيد شاهه چيو ته، نگران وزيراعظم لاءِ جن ٻين نالن تي غور ويچار ڪيو پي ويو اُهي به نه رڳو حڪومت ۽ اپوزيشن پر ٻين پارٽين لاءِ به احترام لائق آهن پر معاملو اتفاق جو آهي ۽ ناصرالملڪ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن (ڇنڇر 27 مئي) تي سنڌ سماءَ چار جي خبر پڙهي سگهو ٿا

نگران وزيراعظم جو مامرو، ن ليگ ۽ پ پ ۾ معاملا سڌا ٿي ويا!!

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *